پير محمد هالائي

پير محمد هالائي: پير محمد هالائي هڪ وڏو عالم، درس تدريس جو مالڪ ۽ مهمان نواز بزرگ هو. هالن ۾ ايندڙ ويندڙ درويشن ۽ بزرگن جي مهمانداري ۽ خدمت گذاري ڪندو رهندو هو. هڪ دفعي خواجه محمد زڪي ولد خواجه محمد حنيف ولد خواجه عبدالاحد ولد خواجه امام محمد سعيد ولد خواجه شيخ احمد امام رباني مجدد الف ثاني، حج جي ارادي سان ملتان مان ٿيندو، هالن ۾ اچي پهتو. هالن جي وڻندڙ آب هوا جي ڪري اتي ڪجهه وقت رهي پيو، جتي مولانا پير محمد هالائيءَ سندس خدمت ڪئي ۽ اوڌر تي سامان وٺي به سندس مهمان نوازي ڪندو رهيو. جڏهن خواجه محمد زڪي هالن مان ٺٽي جي ارادي سان روانو ٿيو ته خواجه صاحب کيس رزق جي ڪشادگيءَ لاءِ دُعا جو چيو، ان بعد روايت آهي ته وٽس رزق جي ڪڏهن به تنگي نه ٿي. مولانا هالائي حج جي سفر دوران مڪي شريف ۾ وفات ڪئي.


لفظ پير محمد هالائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو